پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شهريار آفريدي ۽ شاندنا گلزار کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 21 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي او آرڊر خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ۽ شاندنا گلزار جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل عدالت ۾ پيش ٿيو.ايم پي او آرڊر بابت ڊي سي جي اختيارن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته ايم پي او پهريون ڀيرو ڊسمبر 1960ع ۾ آيو، ايم پي او پهريون ڀيرو اولهه پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو ويو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 5 جون 1962ع تي ان ۾ وڌيڪ ترميم ڪئي وئي، جڏهن پهريون ڀيرو ايم پي او آيو ته اسلام آباد راڄڌاني نه هو، ڪراچي راڄڌاني هو جڏهن پهريون ڀيرو ايم پي او جو آرڊر آيو. عدالت ۾ جسٽس بابر ستار چيو ته توهان رڳو اسلام آباد جي حد تائين ڊي سي جي اختيارن بابت دليل ڏيو، ڏيکاريو ته ايم پي او آرڊيننس ڇا هو جڏهن گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد ٿيو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مون وٽ في الحال اهو رڪارڊ ناهي، مون قانون واري وزارت کي طلب ڪيو پر نه ملي سگهيو، اسان جو خيال آهي ته جڏهن آرڊيننس آيو ته اسلام آباد راڄڌاني نه هو، مون لاڳاپيل شق 8 پڙهيو.جسٽس بابر ستار چيو ته سي ڊي اي قانون ۾ ڪٿي نه ڪٿي لکيل هوندو، اُتي ڏسو، ٿي سگهي ٿو، اسان کي ڏسڻو آهي ته وفاقي حڪومت ۾ ايم پي او ڪيئن لاڳو ٿيندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 1967ع ۾ راڄڌاني اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.عدالت ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل جا دليل مڪمل ٿي ويا، جڏهن ته اسٽيٽ ڪائونسل ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيندو.عدالت موجوده ڊپٽي ڪمشنر کي ايندڙ ٻڌڻي تي اختيارن جي ورڇ بابت دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو