پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف اپوزيشن جو پارليامينٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف احتجاج، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرز جو سيٽن تان اُٿي گوڙ، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي. پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي نواز ليگ ميمبرز ايوان مان بائيڪاٽ ڪري ويا. پ پ ميمبرز طرفان ڪورم جي نشاندهي تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ ٻاهران به مخالف ڌُر جو پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج، پي ٽي آءِ سرڪار طرفان پيٽرول مهانگو ڪرڻ عوام جي پئسي تي ڌاڙو قرار ڏنو ويو. هوڏانهن ايوان بالا سينيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ 15ڏينهن اڳ پيٽرول مهانگو ٿيو ته عوام سستي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هو، حڪومت ٻيهر عوام تي پيٽرول بم اُڇلي ڇڏيو، پيٽروليم اگهن ۾ واڌ سان عوام جي چيلهه چِٻي ٿي وئي. پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ناڻي کاتي جي وزير غريبن جي حالت ناهي ڏٺي، تڏهن پيٽرول کي سستو قرار ڏئي ٿو، حڪومت آءِ ايم ايف ڏانهن واجهائڻ بدران غريبن جي حالت کي ڏسي، اهو نه ٻڌايو ته عالمي سطح تي پيٽرول جا اگهه وڌيا آهن، حڪومتي پاليسيز سبب عوام جو پارليامينٽ تان به اعتماد کَڄي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو