پيمرا پاران عدالتي رپورٽنگ تي پابندي واري فيصلو چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ)عدالتي رپورٽنگ تي پابندي جي پيمرا جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.سمرا ملڪ ايڊووڪيٽ پيمرا جي نوٽيفڪيشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.درخواست ۾ پيمرا، وفاقي حڪومت ۽ سيڪريٽري اطلاعات کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پيمرا جو 21 مئي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي، پيمرا جو نوٽيفڪيشن آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت پيمرا جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين پيمرا جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو