شيخ رشيد ;کي بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي قبضي ۾ آيل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد گاڏين بابت انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب طاهر تي ٻڌل بئنچ لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پوليس شيخ رشيد جون گاڏيون غيرقانوني طور تي ضبط ڪيون، ان ڪري گاڏيون واپس ان جاءِ تي ڏنيون وڃن جتان قبضو ڪيو ويو هو.عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو ته شيخ رشيد کي شريڪ جوابدار جي ضمني بيان تي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، سندس قبضي ۾ آيل گاڏيون ڏوهه ۾ استعمال نه ٿيون.عدالت وڌيڪ چيو ته بظاهر پوليس گاڏيون ضبط ڪيون ته انهن کي شيخ رشيد حوالي ڪيو وڃي، گاڏيون ضبط ڪرڻ وقت قانوني طريقي تي عمل نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو