پوليس جاچ مڪمل،گرفتار شاعر احمد فرهاد جيل منتقل

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)مظفر آباد مان گرفتار شاعر احمد فرهاد کي ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس عدالت ۾ بيان ڏنو ته احمد فرهاد کان جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.مظفر آباد جي عدالت احمد فرهاد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت حڪم ڏنو ته احمد فرهاد کي 24 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.عدالت جي حڪم بعد گرفتار شاعر احمد فرهاد کي راره جيل منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو