پنجاب چونڊون نظرثاني ڪيس، اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۾ چونڊون نظر ثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کان هڪ هفتي جو وقت طلب ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنجاب چونڊن بابت تفصيلي فيصلو ڏنو آهي. تفصيلي فيصلي جي روشني ۾ ايڊيشنل گرائونڊ تي دليل ڏيڻ جي لاءِ هڪ هقتي جو وقت گهرجي.چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته اسان اوهان کي وقت نٿا ڏئي سگهون. وڪيل چيو ته قانون ۾ ترميم کان پوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ملي ويو آهي جنهن تي جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته اهو سوال اسان جي سامهون موجود نه آهي، تاريخ ڪير ڏيندو. اسان هن وقت نظرثاني درخواست ٻڌي رهيا آهيون.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جتي آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي سپريم ڪورٽ ايڪشن کڻندي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ٻڌي ورتو. عدالت ۾ ويٺل ماڻهن جي مهرباني. اٽارني جنرل صاحب اوهان ڪجهه چوندو؟ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست منظور نٿي ڪري سگهجي. موجوده صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪئي ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو