پنجاب جو آءِ جي ستون ڀيرو ۽ چيف سيڪريٽري پنجون دفعو تبديل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، گھرو وزارت طرفان نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري بابت بريفنگ ڏني وئي . وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي ڪارروائي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق جي جاءِ تي ڪامران علي افضل کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ آءِ جي پنجاب جي مقرري جي لاءِ رائو سردار جي نالي جي بھ منظوري ڏني وئي.عمران خان جي ٽن سالن جي دور ۾ پنجاب جو آءِ جي ستون ڀيرو ۽ ڄيف سيڪريٽري پنجون ڀيرو تبديل ڪيا ويا آهن. ڪابينا جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. انعام غني کي آءِ جي ريلوي مقرر ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نئون مقرر ڪيل چيف سيڪريٽري 21 هين ڪامن جو آهي ۽ نئون آءِ جي 18هين ڪامن جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو