اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ اسلام آباد، پنجاب، اپر خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.پاڪستان ۾ مون سون جو موسم جاري آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪڪر ڇانيل آهن.اڄ صبح لاهور جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي، جڏهن ته موسميات کاتي اسلام آباد، پنجاب، اپر خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ان کان علاوه، موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪڪر ۽ نمي رهي سگهي ٿي، جڏهن ته صبح ۽ رات ڪجهه هنڌن تي بونداباندي ۽ مينهن به پئجي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته هوا ۾ نمي جو تناسب 67 سيڪڙو آهي ۽ شهر ۾ ڏکڻ اولهه کان 20 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن.










