پنجاب، مون سون جو ايندڙ سلسلو 5 آگسٽ کان شروع ٿيندو،اڳڪٿي

پنجاب، مون سون جو ايندڙ سلسلو 5 آگسٽ کان شروع ٿيندو،اڳڪٿي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي جي ترجمان 5 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ مون سون جي ڇهين اسپيل جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ ڪڪر به هوندا.ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان ڪاٺيا دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت چيو ته چناب درياءَ ۾ خانڪي تي گهٽ سطح جي ٻوڏ، سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ چشمه ۽ تونسه تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب تربيلا ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول جي سطح تي آهي، جهلم، راوي ۽ ستلج دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول جي سطح تي آهي، دريائن سان ملحق دريائن ۽ وهڪرن ۾ پاڻي جو وهڪرو به معمول جي سطح تي آهي، جڏهن ته تربيلا ڊيم 89 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 61 سيڪڙو ڀريل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو