پلي بارگين جو قانون ٻين ملڪن ۾ به آهي، نيب چيئرمين

لاھور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آھي تھ ڪرپشن خلاف ڪم ڪريون ته تنقيد ڪئي ويندي آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ماڻهن سان زيادتي ٿئي ۽ نيب خاموش رهي، نيب چيئرمين لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته نيب وٽ فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اسان رڳو ڪيسز داخل ڪندا آهيون، جيڪي سوسائٽيز پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيون هيون، اُنهن کي قانون جي تابع ڪيو اٿئون، پلي بارگين جو قانون رڳو پاڪستان نه، پر ٻين ملڪن ۾ به آهي، نيب قانون موجب پلي بارگين ڪندو آهي ۽ عدالت حتمي منظوري ڏيندي آهي، ڪنهن ريجن ۾ زبردستي پلي بارگين ثابت ٿئي ته سزا لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو