پشتونن وانگر سرائيڪن کي به سڃاڻپ ڏينداسين، بلاول

ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کان حساب ڪتاب وٺنداسين ان کي معاف نه ڪنداسين.  اهڙو اظهار هن ڏکڻ پنجاب جي دوري دوران ڊيرا غازي خان ۾ ڪارڪنن جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جنهن طرح پشتونن کي سڄاقڻپ ڏني ان نموني سرائڪين کي به سڃاڻپ پي پي ڏ؟ي سگهي ٿي ۽ اسين ڏينداسين. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته عمران خان عوام جي ووٽ تي، کيسي تي ۽ پيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، اهو سليڪٽڊ رڳو عذاب آڻي سگهيو،

Photo twitter

مهانگائي ۽ بي روزگاري تاريخي سطح تي پهتي آهي. بلاول ڀُٽو چيو ته آمريت جو مقابلو ڪندڙ ئي عمران خان کي ڀڄائيندا، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، وزيراعظم ۽ وڏا وزير جيالا ٿيندا. اسين هر دور جي امر کي للڪاريو آهي هي ڪٺ پتلي ڪجهه به ناهي. بلاول ڀٽو جيڪو سڄو هفتو ڏکڻ پنجاب ۾ گذاريندو، جتي ڪارڪنن سان تعزيتون ڪري رهيو آهي، نوان ماڻهو پي پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ليا مان اڳوڻو ايم اين اي سردار بهادر خان سيهڙ به پي پي ۾ شامل ٿيو آهي.هن جيالن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جاڳو جيالا جاڳو پاڪستان جلي رهيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو