پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور سميت خيبر پختونخواه جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.اسلام آباد، راولپنڊي، آزاد ڪشمير ۽ مردان سميت خيبر پختونخواه جي ٻين ضلعن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.پشاور، سوات، مالاڪنڊ، دير، مردان، هري پور، ايبٽ آباد، چارسده ۽ ڪرڪ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.يورپي زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.5 هئي ۽ ان جي کوٽائي 114 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش خطو هو.زلزلي سبب شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ اهي ڪلمه طيبه جا نعرا هڻي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي سان اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.










