ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڀينس ڪالوني علائقي ۾ هڪ جوڙي کي ارينج ميريج ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو.پوليس موجب، ڇوڪري جي پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي تي فائرنگ ڪئي، ۽ فائرنگ ۾ هڪ شهري به زخمي ٿيو.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جوڙي هڪ مهينو اڳ ارينج ميريج ڪئي هئي ۽ انهن جو تعلق ٺٽي سان هو.پوليس موجب، ٻنهي جوابدارن کي ڪجهه ڪلاڪن بعد ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنيادن تي گرفتار ڪيو ويو. شروعاتي جاچ موجب، جوابدارن ذاتي رنجش تي پنهنجن ساٿين سان گڏ فائرنگ ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ قتل ۽ ٻين قلمن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ رپورٽ طلب ڪئي آهي.










