اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت پهرين اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي.وفاقي حڪومت نيب ترميمي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت طرفان مخدوم علي خان اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ نيب ترميمي فيصلي خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته نيب ترميمن کي بحال ڪيو وڃي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، نيب ترميمن سان ڪنهن به بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي.درخواستگذار موجب قانون سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو پارليامينٽ جي اختيار تي قبضو آهي.اپيل ۾ وفاق، نيب ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ کي ڌر بڻايو ويو آهي.
