پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن کي نه هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران بلوچ احتجاج ڪندڙن کي حراسان ڪرڻ ۽ بلوچ خاندانن کي جبري طور هٽائڻ واري معاملي کي روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني پوليس پاران بلوچ مظاهرين کي مسلسل حراسان ڪرڻ خلاف سميع دين بلوچ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي ايڊووڪيٽ چيو ته بلوچن پاران نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن بعد عورتن کي زبردستي بس ذريعي واپس موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هاڻي جيڪو به اسان جي طرف اچي ٿو، پوليس ان کي روڪي ٿي ۽ ان کي تنگ ڪري ٿي، اهي اسپيڪر کڻي ويا، رات جو اسان کي تنگ ڪن ٿا، لڳي ٿو ته آپريشن ٻيهر شروع ٿيندو،عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا بلوچ احتجاج ڪندڙ به اڳڀرا ٿيا آهن؟ وڪيل چيو ته بلوچ احتجاج ڪندڙ رڳو ويٺا آهن، ڪا به اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته خير، هتي وڏا احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا. آئين جي شاهراهه تي مظاهرن ۽ احتجاجن جي به پنهنجي هڪ تاريخ آهي.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هي ڪم لوڪل گورنمينٽ جو آهي پر اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ ۾ دلچسپي ناهي.عدالت جي حڪم باوجود اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرايون، هتي جي عوام جا حق ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي.جڏهن ته عدالت بلوچ خاندانن کي پريس ڪلب مان ڪڍڻ کان روڪيندي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشنز کي 5 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو