پرويز الاھي ۽ مونس خلاف نيب ريفرنس داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.نيب ريفرنس ۾ چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي کي مرڪزي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ ٻيا جوابدار قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث آهن.ريفرنس موجب پرويز الاهي ۽ مونس الاهي 116 ترقياتي اسڪيمن جي غيرقانوني منظوري ڏني، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي پنهنجي من پسند ڪانٽريڪٽرن کي ٺيڪا ڏئي رشوت ورتي، پرويز الاهي 74 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ جي رشوت ۽ ڪڪ بيڪس ورتي.نيب ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته اڪائونٽنٽ مونس الاهي ۽ سندس خاندان جي اڪائونٽن ۾ ڪڪ بيڪ جمع ڪندو رهيو، مونس الاهي پنهنجي پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 1 لک 61 هزار يورو جمع ڪرايا، پرويز الاهي جي گهرواري 30 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي،نيب ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ۾ جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيا، ان ڪري احتساب عدالت ٽرائل ڪري جوابدارن کي سزا ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو