پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت پنجاب اسيمبلي ۾ مبينا غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ پرويز الاهي ۽ ٻين جوابدارن کي 4 اپريل تي طلب ڪري ورتو.جج ارشد حسين گذريل ٻڌڻي تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.عدالت جي لکت واري حڪم موجب سينٽرل جيل راولپنڊي پرويز الاهي جون ميڊيڪل رپورٽون جمع ڪرايون، جنهن موجب پرويز الاهي 17 مارچ تي واش روم ۾ ڪري پيو، لکت واري حڪم ۾ عدالت چيو آهي ته پرويز الاهي کي ڪرنٽ لڳڻ سبب رٻ فريڪچر ٿيو، ميڊيڪل آفيسر پرويز الاهي کي 2 هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.عدالت پنهنجي لکت واري حڪم ۾ اهو به چيو ته جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، جنهن سبب جوابدار تي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو