لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالتي حڪم جي باوجود اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي گرفتار ڪري اسلام آباد وٺي وئي آهي. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو هو ته هنکي ڪا به اختياري ٻيهر گرفتار نه ڪري. لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب عملدارن اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو.پرويز الاهي نيب طرفان پنهنجي گرفتاري کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي جسٽس امجد رفيق ڊي جي نيب کي چيو هو ته پرويز الاهي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا وڃن.جمعي ڏينهن عدالت پرويز الاهي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس امجد رفيق رمارڪس ڏنا ته احتساب عدالت کي ٻڌايو ويو ته انٽرا ڪورٽ اپيل خارج ڪئي وئي آهي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اها منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي. نيب پراسيڪيوٽر جي جواب تي جسٽس امجد رفيق چيو ته مڪمل انڪوائري ٿيندي، هاڻي پرويز الاهي کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهيان. لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي آزاديءَ لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته پرويز الاهي کي نيب يا ڪا به اٿارٽي ۽ ادارو گرفتار نه ڪندو، جڏهن ته پرويز الاهي کي ڪنهن به قانون تحت نظربند نه ڪيو ويندو.
