الاهي جي گهرواري پاران توهين عدالت جي درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي گهرواري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ پنجاب جي نگران حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. پي ٽي آءِ صدر جي گهرواري طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرويز الاهي کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نظربندي کان روڪي.

پهنجو تبصرو موڪليو