لاهور(ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن پنجاب پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب پرويز الاهي کي اڊيالا جيل راولپنڊي مان آزاد ڪيو ويو جتان کيس حراست ۾ ورتو ويو ۽ پرويز الاهي کي ٽرانزٽ رمانڊ تي جڊيشل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو جتي عدالت پي ٽي آءِ صدر جو هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو. اختيارين جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي اڄ شام تائين اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر لاهور منتقل ڪيو ويندو. ينٽي ڪرپشن پنجاب موجب پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي خلاف اينٽي ڪرپشن جا 4 ڪيس داخل آهن.ان حوالي سان پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرويز الاهي خلاف پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پرويز الاهي جي ضمانت منظور نه ٿي، کيس هڪ ڪيس ۾ آزاد نه ڪيو ويو، ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پرويز الاهي کي ٻئي ڪيس ۾ جيل مان گرفتار ڪيو ويو.
