پراڻي ٽيسٽ نيون ڀرتيون، نوٽيس اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ پراڻي ٽيسٽ جي بنياد تي نئين ڀرتين واري ڪيس ۾ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.مڪاني ادارن واري کاتي ۾ پراڻي ٽيسٽ جي بنياد تي نئين سر ڀرتين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. آءِ بي اي سکر ۽ صبا طرفان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. عدالت لاڳاپيل ڌرين جا نوٽيس اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو