راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ شادي جي تقريب ۾ پراڻي شيرواني ڏيڻ لاءِ شهري عدالت پهچي ويو.شهري عثمان شبير فيشن هائوس جي مالڪ کي 5 لک رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو، جنهن ۾ پراڻي شيرواني واپس وٺڻ بعد نئين شيرواني جا پئسا واپس ڏنا ويا.نوٽيس موجب شهري 8 سيپٽمبر تي فيشن هائوس کي نئين شيرواني تيار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو، فيشن هائوس جي مالڪ نئين شيرواني تيار ڪرڻ لاءِ 20 هزار رپيا طلب ڪيا. نئين شيرواڻي تيار ڪرڻ لاءِ 15 هزار رپيا ايڊوانس ادا ڪيا. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته فيشن هائوس جي مالڪ نئين بدران پراڻي شيرواني ڏني هئي، جيڪا پنجاب ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2005 جي ڀڃڪڙي آهي.شهري جي درخواست تي ضلعي ڪنزيومر ڪورٽ فيشن هائوس جي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪندي 2 جنوري تي طلب ڪري ورتو.










