ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي ترجمان ميئر ڪراچي اڪرام الله وقاصي جي نگراني ۽ انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل انجنيئر تابش رضا حسنين جي سربراهي ۾ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويئي، آپريشن دوران شير شاھ لياري ايڪسپريس وي جي ڀرسان زمين تي غير قانوني هائيڊرنٽ پڪڙيو ويو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل موجب پاڻي چوري ۾ استعمال ٿيندڙ پائپن، موٽرن ۽ ٻين اوزارن سميت هڪ جوابدار کي پوليس جي حراست ۾ ڏيئي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
