پاڪ-افغان جنگ، پريشان ڪندڙ آهي: جماعت اسلامي

پاڪ-افغان جنگ، پريشان ڪندڙ آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪ-افغان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسلامي ملڪن کان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن اهم ۽ نازڪ موڙ تي پاڪستاني حڪومت جو قومي مشاورت کان پاسو ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس فوري طور تي سڏائڻ گهرجي ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪيو وڃي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري لاڳاپن جو باقاعده جنگ ڏانهن وڌڻ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. ٻن پاڙيسري اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اهڙي صورتحال ٻنهي پاسن جي عوام لاءِ ڏکوئيندڙ آهي.هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع 250 ملين پاڪستانين جي اولين ترجيح آهي. پاڪ-افغان تڪرار هڪ اهڙي وقت ۾ تيز ٿي رهيا آهن جڏهن تل ابيب ۾ هندستان ۽ اسرائيل ويجهو اچي رهيا آهن، جيڪو اسلامي دنيا لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته افغان قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته هندستان سندن دوست نه ٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، آمريڪا ايران خلاف ڪارروائي جو جواز ڳولي رهيو آهي ۽ غزه ۾ ٿيندڙ واقعن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جماعت اسلامي جي امير افغان قيادت تي زور ڏنو ته اهڙو ڪو به رستو نه اختيار ڪيو وڃي جيڪو انهن کي اسلامي دنيا کان الڳ ڪري ۽ مخالف قوتن کي فائدو پهچائي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته موجوده صورتحال ۾، اسلامي دنيا جي عظيم عالمن لاءِ ضروري آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن چين، ترڪي، قطر ۽ سعودي عرب کي به اپيل ڪئي ته اهي ماضي وانگر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکن ۽ هن موقعي تي ٻيهر سرگرم ڪردار ادا ڪن.هن وڌيڪ چيو ته پاڪ-سعودي عرب دفاعي تعاون ڪجهه قوتن لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ اسلامي دنيا جي اتحاد لاءِ هر ڪوشش کي سبوتاز ڪرڻ هڪ مخصوص ايجنڊا جو حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو