پاڪستان ۾ شفاف چونڊن جي حمايت جاري رهندي، آمريڪا

پاڪستان ۾ شفاف چونڊن جي حمايت جاري رهندي، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن جي حمايت جاري رکندا، ان حوالي سان ٻه طرفي ڳالهيون جاري آهن. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته هو پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي تي ڪو به موقف نه ٿو رکي، پر پاڪستاني عوام جي چونڊيل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني آرمي چيف پرڏيهي کاتي ۽ پينٽاگون سميت ٻين آفيسرن سان ملاقات لاءِ واشنگٽن ۾ آهي. ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اهم نان نيٽو اتحادي ۽ نيٽو پارٽنر آهي، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي پاڪستان سان ڀائيواري جو خواهشمند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو