ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي موقعي تي خاص پروگرام منعقد ڪيو ويندو.ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ ڀارتي سپر اسٽار شرڪت ڪندا.رپورٽن مطابق هن خاص پروگرام ۾ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار اميتاڀ بچن ۽ رجني ڪنٿ سميت ڪيترائي فلمي ستارا شرڪت ڪندا.ڀارتي ميڊيا موجب پروگرام ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ۽ گلوڪار ارجيت سنگهه به شرڪت ڪندا، تقريب ۾ لائٽ شو، ڊانس پرفارمنس ۽ آتش بازي پڻ ڪئي ويندي.گجرات ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري انيل پٽيل موجب هي خاص تقريب رات 12 وڳي شروع ٿيندي جنهن ۾ 20 کان 25 پاڪستاني صحافي به شرڪت ڪندا.انيل پٽيل جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پاڪستاني صحافين لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب پي سي بي جا ڪجهه آفيسر به پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارت ايندا.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب پاڪ ڀارت ميچ جي موقعي تي مداحن لاءِ خاص تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.واضح رهي ته ڪرڪيٽ جي مداحن ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو هو.ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 14 آڪٽوبر تي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
