پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي پرنسپل ڊپٽي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ اسان جو اهم ڀائيوار آهي.واشنگٽن ڊي سي ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان سان سيڪيورٽي ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون جاري آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ اسان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا.هڪ سوال جي جواب ۾ ويدانت پٽيل چيو ته سکن جي اڳواڻ تي حملي جو معاملو آمريڪي انصاف وارو ادارو ڏسي رهيو آهي، هو ئي ان تي تبصرو ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو