پاڪستان سان ڪيل واعدا پورا ٿيڻ گهرجن: گوتريس

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته عالمي ادارا ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان سان ڪيل واعدا پورا ڪن.انتونيو گوتريس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ بدترين معاشي بحران تباهي واري ٻوڏ سبب پيش آيو.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته گڏيل قومن کي پاڪستان سان ڪيل امدادي واعدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.عالمي برادري پاڪستان جي تعمير ۽ بحالي لاءِ 16.4 بلين ڊالرن جي امداد جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو