ٽيڪس نه ڏيندڙ 6 لک ماڻهن جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 6 لک 6 هزار 671 ٽيڪس ڏيندڙن جي نشاندهي ڪري ورتي. ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل سمون بند ڪرڻ لاءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل فون سمون بند ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب انهن ماڻهن جي آمدني انڪم ٽيڪس ريٽرنز فائل ڪرڻ جي قابل آهي پر ان باوجود اهي فائل نه پيا ڪن. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ايف بي آر ايڪٽوٽيڪس پيئر لسٽ ۾ شامل ناهن، انڪم ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙن جا موبائل فون ڪنيڪشن ڪنهن وقت به بند ڪري سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو