ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر شيئرنگ فريم ورڪ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت واهپيدارن کي سستي ۽ معياري ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر شيئرنگ فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پي ٽي اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فريم ورڪ وزارت آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي.هي فريم ورڪ لائسنس حاصل ڪندڙن کي ريگيوليٽري ميڪنزم فراهم ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کي سستي ۽ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي صورت ۾ فائدو ٿيندو. 4G ۽ 5G جي واڌ لاءِ ٽيليڪم انفراسٽرڪچر شيئرنگ جي وڏي ضرورت هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو