ٽوڙ ڦوڙ ڪيس، خان ۽ قريشي جي ضمانت واري درخواست ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.خاص عدالت جي جج ابوالحسن ذوالقرنين موڪل تي وڃڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي.پي ٽي آءِ جو وڪيل خالد يوسف چوڌري اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين خانپور ٿاڻي جي ٻن ڪيسن ۽ بهار کهو ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اي ٽي سي کي ضمانت واري درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي جو حڪم ڏنو هو.شاهه محمود قريشي خلاف ٿاڻي ۾ داخل 2 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو