ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري، ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن ۾ ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. جماعت اسلامي مڪاني ادارن ۾ ٽرانزٽ آفيسرن جي مقرري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست حافظ نعيم الرحمان ۽ سيف الدين سميت 9 ٽائون چيئرمين داخل ڪئي آهي. درخواستگذارن جي وڪيل موقف ڏنو ته جون ۾ سٽي ڪائونسل، ٽائونز جا ايوان مڪمل ٿيا. جڏهن ته اڃان تائين اختيار منتقل نپيا ڪيا وڃن. 15 جون تي چونڊيل نمائيندن جي حلف بردراري به ٿي چڪي آهي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو