’لائيو ٻڌڻي جو مقصد عوام جو عدليا تي اعتماد وڌائڻ آهي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪنالاجي استعمال ٿي رهي آهي. لائيو ٻڌڻ سان ماڻهن کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته انصاف ٿي رهيو آهي. فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي اي ڪيمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قاضي فيض عيسيٰ چيو ته هو اڪيڊمي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڏسي مطمئن آهي. ڪيسن جي لائيو ٻڌڻي سامعين کي سکڻ جو موقعو ڏئي ٿي.چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته سول ججن کي تربيت ڏني وڃي ته اعليٰ عدالتن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو، درخواستگذارن جو پهريون رابطو سول ججن سان هوندو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ٻڌڻي ٿي.هن چيو ته فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي رابطي جو بهترين ذريعو آهي، قانون جا شاگرد سڌو سنئون فائدو وٺي سگهن ٿا،چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ وقت جي ضرورت آهي.ڪيسن جي ٻڌڻي دوران جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان وسيلا بچائي سگهجن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته عوامي اهميت جا ڪيس سپريم ڪورٽ مان سڌو سنئون ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويا، ان عمل سان انصاف جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي، فضول مقدمن کي روڪڻ لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ تي ڪم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو