لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي علاج لاءِ داخل درخواست منظور ڪري ورتي.اڳوڻي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ڪينسر جي علاج لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن سروسز اسپتال مان ڪينسر ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت طلب ڪئي هئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ياسمين راشد جي علاج لاءِ درخواست منظور ڪندي جيل اختيارين کي ياسمين راشد جي سروسز اسپتال ۾ ڪينسر ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت حڪم ڏنو ته جيل اختيارين ياسمين راشد کي ڪينسر جي ٽيسٽ لاءِ اسپتال وٺي وڃن.
