اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 15 نومبر کان عدالت ۾ پيش ٿيندڙ وڪيلن لاءِ گاؤن پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئر وڪيل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل گاؤن پائڻ کانسواءِ ئي روسٽرم تي آيا، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي دوران وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته معاف ڪجو اوهان کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خبر ناهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سينيئر وڪيل به آهيو ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل به آهيو پر ٻنهي کان سواءِ گاؤن؟ ٻڌڻي دوران وڪيلن پنهنجي رويي تي معذرت ڪندي چيو ته هو مستقبل ۾ گاؤن پائي عدالت ۾ پيش ٿيندا.اسلام آباد جي چيف جسٽس چيو ته 15 نومبر کان عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت گاؤن پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، پاڻ گاؤن پائڻ ۽ جن نوٽيفڪيشن نه ڏٺو انهن کي به ٻڌايو.
