ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي ڊرون حملو، 6 فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، تلڪم ۾ اسرائيلي فوج جو وڏو آپريشن جاري آهي.فلسطيني مزاحمتي گروپن غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪندي اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو آهي.فلسطيني مزاحمت پڻ جوابي ڪارروائي ڪئي، ڪيترن ئي اسرائيلي فوجي گاڏين کي تباهه ڪيو.اسرائيلي ٽينڪن تي راڪيٽن سان حملا ڪيا ويا، اسرائيلي فوجين کي آءِ اي ڊيز سان نشانو بڻايو ويو.اسرائيل تصديق ڪئي ته سندس 3 فوجي مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿيا.ٻئي طرف اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن غزا جي رهائشي علائقن تي 100 کان وڌيڪ حملا ڪيا ۽ خان يونس ۾ بي گھر ٿيل فلسطينين جي پناهه گاهه فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ جي هيڊ ڪوارٽر کي به بمباري ڏني.اسرائيلي حملن ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 240 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو مجموعي انگ 20 هزار 9 کان وڌي ويو.ان کان پوءِ غزه ۾ انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي خدمتون معطل ڪيون ويون. اسرائيلي فوج جي سربراهه جنگ مهينن تائين جاري رهڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هو غزه ۾ محفوظ علائقي ۾ آپريشن جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو