اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اربع تي طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ امن امان سميت اهم معاملن تي بحث ڪيو ويندو. ڪابينا کي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو نالو تبديل ڪري فيڊرل ڪانسٽيبلري رکڻ جي حوالي سان به اعتماد ۾ ورتو ويندو.وفاقي ڪانسٽيبلري جي دائري کي سڄي ملڪ تائين وڌائڻ جي حوالي سان به ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.










