وزيراعظم جو شهباز شريف کي خط، ڪميشن لاءِ نالا ڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي خط لکي نالا گهريا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم جي لکيل خط جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته خط ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ميمبرن لاءِ ٽن نالن جي تجويز ڏني وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم احسن محبوب، راجا عامر خان ۽ سيد پرويز عباس کي پنجاب جي ميمبر لاءِ نامزد ڪيو آهي ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان ، فريد الله خان ۽ مزمل خان کي خيبرپختونخواهه جي ميمبر لاءِ نامزد ڪيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 218 تحت مخالف ڌر جي اڳواڻ کي خط لکيو هو ۽ ميمبرن جي مقرري اپوزيشن جي جواب کانپوءِ ممڪن ٿي سگهندي.واضح رهي ته ارشاد قيصر ، خيبرپختونخواهه جي اليڪشن ڪميشن جو ميمبر ۽ پنجاب اليڪشن ڪميشن جو ميمبر الطاف ابراهيم قريشي تازو رٽائر ٿيا هئا.آئين تحت ، حڪومت کي انهن خالي سيٽن تي 45 ڏينهن اندر نوان ميمبر مقرر ڪرڻا آهن ، پر اليڪشن ڪميشن ٽن ميمبرن سان فعال رهي سگهي ٿي. ڍيئرمين نيب جو عهدو به هلندڙ سال مڪمل ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو