فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ بابت عدالتي فيصلو چئلينج

اسلام باد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزارت سولين جي فوجي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.بچاءَ واري وزارت سپريم ڪورٽ کي 23 آڪٽوبر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.بچاءَ واري وزارت درخواست ڪئي آهي ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ختم ڪيل شقن کي به بحال ڪيو وڃي، آرمي ايڪٽ جي ختم ڪيل شق 59 (4) کي به بحال ڪيو وڃي.دفاع واري وزارت جي اپيلن تي حتمي فيصلو اچڻ تائين فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف به حڪم نامو طلب ڪيو ويو آهي.اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جن درخواستن تي فيصلو ڏنو اهي ناقابل سماعت آهن، آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو