ورلڊ ڪپ، افغانستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪنگسٽن (ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 48هين ميچ ۾ افغانستان آسٽريليا کي 21 رنسن تان هارائي ڇڏيو.سپر ايٽ اسٽيج جي گروپ ون ۾ ٻئي ٽيمون ڪنگسٽن ۾ آمهون سامهون ٿيون، جتي آسٽريليا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، افغانستان پاران آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 149 رنسن جو هدف ڏنو ويو.افغانستان جي اوپنرز 118 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم کي شاندار شروعات ڏني، رحمت الله گربز 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.افغانستان طرفان ابراهيم زردان 51 ۽ ڪريم جنت 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، محمد نبي 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.افغانستان جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون ورتيون، ايڊم زمپا 2 ۽ اسٽونز هڪ وڪيٽ ورتي.بعد ۾ بيٽنگ ڪندي افغان بالرز به پنهنجي ٽيم کي شاندار شروعات ڏني ۽ پهرين اوور ۾ ئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪري آسان هدف کي آسان بڻائڻ شروع ڪيو.ان کان پوءِ به افغان بالرن سڄي ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪئي ۽ آسٽريلوي بيٽسمينن کي ڄمڻ نه ڏنو.آسٽريليا طرفان گلين ميڪسويل 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، مچل مارش 12 ۽ مارڪوس اسٽونز 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.انهن 3 بيٽسمينن کانسواءِ ٻيو ڪو به آسٽريليا جو بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو.آسٽريلوي ٽيم 19.2 اوورن ۾ 127 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.افغان بالر گلبدين نايب 20 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته نوين الحق 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ان ميچ کان اڳ گروپ ون ۾ ڀارت 2 ميچن ۾ ڪاميابي سان پهرين پوزيشن تي هئي جڏهن ته آسٽريليا هڪ ميچ ۾ ڪاميابي سان ٻئي نمبر تي هئي.گروپ ون ۾ شامل بنگلاديش کي ٻنهي ميچن ۾ شڪست ملي جڏهن ته افغانستان کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ شڪست ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو