واپارين جي مطالبن کي اسان سنڌ ڪابينا ۽ وفاق تائين کڻي وينداسين

واپارين جي مطالبن کي اسان سنڌ ڪابينا ۽ وفاق تائين کڻي وينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني ۽ صنعت ۽ واپار واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي جي واپاري برادري جي مشاورت سان ئي اسان واپاري مرڪزن جي جلد بندش ۽ توانائي بچت جي پروگرامن تي عمل درآمد لاءِ وفاق سان ڳالهائينداسين. خطي جي موجوده صورتحال ۾ ايران جو اسان سان مسئلو الڳ آهي پر افغانستان سان اسان جي جنگ اڃا تائين هلي رهي آهي. واپارين جي مطالبن کي اسان سنڌ ڪابينا ۽ وفاق تائين کڻي وينداسين، پر واپاري برادري به موجوده سنگين صورتحال جي نظر ۾ حڪومتي قدمن ۾ ساٿ ڏئي. انهن خيالن جو اظهار هنن سومر ڏينهن ڪمشنر هائوس ڪراچي ۾ واپارين سان ٿيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن کان علاوه ڪراچي جي واپاري تنظيمن جا چيئرمين، صدر ۽ عهديدار موجود هئا، جن ۾ ڪراچي اليڪٽرانڪ مارڪيٽس ايسوسيئيشن جو رضوان عرفان، شيخ خالد نور، جميل احمد پراچہ، حبیب شيخ، حڪيم شاهه، محمد احمد شمسي، عاصم گلفام، محمود حامد، جاويد عبدالله، عبدالغني آخوند، جيولري مارڪيٽس ايسوسيئيشن جو صدر محمد ارشد، ارشد قم قم، صابر بنگش ۽ ٻيا واپاري اڳواڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي واپاري برادري وفاق طرفان ڪاروباري مرڪز جلد بند ڪرڻ بابت پنهنجي تحفظات کان صوبائي وزيرن کي آگاهه ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته سنڌ حڪومت وفاق کان هن فيصلي تي نظرثاني ڪرائي ان کي عيد کان پوءِ تائين ملتوي ڪرائي. جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني واپارين کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ ڪابينا ۾ ڳالهائي وفاق کي واپارين جي خدشن بابت ٻڌائيندو ۽ فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪندو. اجلاس ۾ سعيد غني چيو ته انهن قدمن جو مقصد ايران ۽ آمريڪا جي جنگ کانپوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پيٽرول جي بچت ڪرڻ ۽ تيل مان تيار ٿيندڙ بجلي جو استعمال گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته خطي جي صورتحال سبب اسان جي شهرن ۾ تحريڪ طالبان پاران دهشتگردي جا خطرا وڌيڪ آهن، ڇو ته اهي اهڙيون جايون ڳوليندا آهن جتي رش وڌيڪ هجي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي بچائڻي آهي ته جيئن گهٽ پيٽرول استعمال ٿئي ۽ سنڌ حڪومت مختلف شعبن ۾ “ورڪ فرام هوم” (گهر مان ڪم) تي به غور ڪري رهي آهي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته واپارين جي اها ڳالهه ته مارڪيٽون عيد کانپوءِ جلد بند ڪيون وڃن، ان تي اسان ڪابينا ۾ ڳالهائينداسين، پر اسان جي درخواست آهي ته مارڪيٽن ۾ بجلي گهٽ استعمال ڪئي وڃي ۽ عيد جي مناسبت سان وڌيڪ روشنين کي ملتوي ڪيو وڃي. ان موقعي تي واپاري اڳواڻن چيو ته وفاق کي چيو وڃي ته پيٽرول جو متبادل سولر آهي، تنهنڪري سولر تان ٽيڪس ختم ڪيو وڃي ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن توڙي گاڏين کي پروموٽ ڪيو وڃي. واپارين سنڌ حڪومت پاران عورتن کي اي-بائيڪس ڏيڻ واري تقريب کي به ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته جيئن ڪورونا دوران حڪومت جو ساٿ ڏنو هو، ائين ئي هاڻي به تعاون ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو