هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏئي چڪا آهيون، فواد چوڌري جي دعويٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آھي تھ ھڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو پورو ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻ ڳالھھ ھڪ ڪروڙ نوڪرين کان اڳتي ھلي وئي آھي.  اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ انصاف ­طرفان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ھڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو پورو ٿي ويو آھي. اسين ساڍا 16 لک کان وڌيڪ ماڻھن کي پرڏيهه موڪليو، پنجاب جي صحت واري شعبي ۾ 40 ھزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون، ٻين ادارن ۾ بھ ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته وفاق، ڪي پي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾اسين تمام گهڻيون نوڪريون ڏئي چڪا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو