ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايم او يو تي صحيحن جي هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يونيورسٽي ۽ مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارن وچ ۾ پندرهن کان وڌيڪ مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ريحان حنيف به شرڪت ڪئي ۽ تعليمي ادارن ۽ صنعت جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. صوبائي وزير اسماعيل راهو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اعليٰ تعليمي ادارن کي عالمي معيار مطابق بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. اسماعيل راهو چيو ته بين الاقوامي ادارن جي سهڪار سان تحقيق ۽ تعليم جا نوان دروازا کلندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ جيستائين تحقيق، معاهدا ۽ هڪ ٻئي سان تعاون نه ڪيو ويندو، تيستائين اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي. جديد دور جو تقاضو آهي ته يونيورسٽين جو ڪم نوان سائنسدان، صحافي، وڪيل، سياستدان ۽ انجنيئر تيار ڪرڻ آهي. جن يونيورسٽين ۾ مختلف مسئلا درپيش اچن ٿا، انهن کي حل ڪرڻ جي اسان ڪوشش ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ تعليم جي معيار کي به بلند ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ۽ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر گبول، وائس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي، يونيورسٽي انتظاميا، فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ مختلف ادارن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










