ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي قذافي ٽائون جي هڪ گهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ زال مڙس قتل ٿي ويا.تفصيل موجب شاهه لطيف جي علائقي لانڍي قذافي ٽائون اقصيٰ مسجد جي ڀرسان گهر ۾ فائرنگ سبب عورت ۽ هڪ شخص مارجي ويا. قتل ٿي ويلن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي محمد ارشد ولد محمد صديق ۽ عورت جي سڃاڻپ 27 ورهين جي صائمه عرف سونيا زال محمد ارشد جي نالي سان ڪئي وئي. پوليس موجب مارجي ويل زال مڙس آهن جن ڪجهه وقت اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي. عورت جي محمد ارشد سان اها ٻئي شادي هئي.پوليس موجب عورت کي سندس اڳوڻي مڙس پنهنجي ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










