ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هي سال شهر لاءِ تبديلي جو سال آهي.مرتضيٰ وهاب رات دير سان شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن روڊن جي بحالي جي ڪم جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ترقياتي ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ٿيڻ گهرجن، انفراسٽرڪچر سان گڏ شهر جي شاهراهن کي خوبصورت بڻايو وڃي.ڪراچي جي ميئر چيو ته شهرين کي هاڻي واضح تبديلي ڏسڻ گهرجي، هي سال تبديلي جو سال آهي، ڪراچي جا ماڻهو جلد ئي ان جا اثر محسوس ڪندا.










