واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ڪئناڊا ۾ مقامي گرودواري جي سربراهه هرديپ سنگهه نگر جي قتل ۾ 3 نه پر 6 جوابدار ملوث هئا.آمريڪي ميڊيا اها دعويٰ اکين ڏٺن شاهدن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا جي وڊيو جي بنياد تي ڪئي آهي.رپورٽ موجب هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن هڪ نه پر ٻه گاڏيون استعمال ڪيون ۽ نجار جو قتل اڳ ۾ ڄاڻايل واقعي کان وڌيڪ منظم هو.آمريڪي ميڊيا موجب نجار جي ڪار کي پارڪنگ ۾ هڪ شڪي شخص روڪيو ته اوچتو ٻن نقاب پوش جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابدارن 50 گوليون فائر ڪيون جن مان 34 هرديپ سنگهه نجار کي لڳيون.آمريڪي ميڊيا موجب هڪ اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي ته هن جوابدارن جو تعاقب ڪيو، جوابدارن سکن وانگر ڪپڙا پهريل هئا، جوابدار فرار ٿي ويا ۽ هڪ ٻي سلور ڪار ۾ ويٺا، جيڪا سندن انتظار ڪري رهي هئي.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته 3 جوابدار اڳ ۾ ئي سلور گاڏي ۾ موجود هئا، هڪ جوابدار کيس واپس ايندي ڏٺو ۽ مٿس پستول تان هٿ وڌو. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪينيڊين پوليس نجار جي قتل جي 12 وڳي 20 منٽن کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتي. اکين ڏٺن شاهدن موجب اهلڪارن ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ان ڳالهه تي جهيڙو ٿيو ته جاچ ڪير ڪندو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊين پوليس عوام کي رڳو ٻن شڪي ماڻهن ۽ هڪ گاڏي بابت ڄاڻ ڏني.آمريڪي ميڊيا موجب جاچ دوران اهلڪارن اڇي گاڏي ۽ ان ۾ موجود ٻين شڪي ماڻهن جو ذڪر ناهي ڪيو، ان کي وڌائڻ لاءِ چيو ويو پر ڪجهه به نه ڪيو ويو.سک گرودوارا ڪائونسل جي ترجمان انڪشاف ڪيو ته نجار جي ڪار مان هڪ ٽريڪر سندس ميڪنڪ کي مليو.ترجمان مومندر سنگهه جو چوڻ آهي ته اختيارين کيس خبردار به ڪيو آهي ته سندس نالو نجار وانگر هٽ لسٽ تي آهي، پر وڌيڪ ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي ۽ هو نٿو مڃي ته مقامي اختيارين کي ان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
