هاري ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير عدالت ۾ چيلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) هاري ڪارڊ تي مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي تصوير لڳائڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.درخواست شهري مشڪور حسين طرفان وڪيل ذريعي داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، پنجاب حڪومت ۽ نواز شريف کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سرڪاري فنڊ ذاتي مشهوري لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، ڪسان ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي نوازشريف جي تصوير سان ڪسان ڪارڊ جاري ڪرڻ کان روڪيو، ڪسان ڪارڊ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ تي آيل خرچ نواز شريف کان وصول ڪيو وڃي.درخواستگذار چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين ڪسان ڪارڊ جي ڇپائي روڪڻ جو حڪم ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو