واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر پهچي ويو.نگران وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.انوار الحق ڪاڪڙ اڄ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ عالمي ترقي بابت اجلاس کي خطاب ڪندو.نگران وزيراعظم جي نيويارڪ ۾ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سان به ملاقات جو امڪان آهي.ان دوران انوار الحق ڪاڪڙ آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران عالمي اڳواڻن کي ڏنل ڊنر ۾ به شرڪت ڪندو.نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ پائيدار ترقي جي مقصدن بابت سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ۽ خطاب پڻ ڪندو.
