نگران وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم چيو آهي ته نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو آهي. هن ٻڌايو آهي ته نگران وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو انتهائي مصروف هوندو، وزيراعظم 5 سربراهه اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو.منير اڪرم جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير مان وفد ڪيئن ايندو، کين لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، آزاد ڪشمير جو وفد والاريل ڪشمير جي عوام جي نمائندگي ڪندو.سندس چوڻ آهي ته جتي به عالمي اجلاس ٿيندا آهن، جيڪڏهن پاڪستان شرڪت نه ڪندو ته اهو درست ناهي، جيڪو به وزيراعظم هجي، پرڏيهي وزير هجي، هو پاڪستان جي نمائندگي ڪندو آهي.آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ضروري آهي.منير اڪرم اهو به چيو آهي ته ڪير به وزيراعظم هوندو جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ پاڪستان جي مفاد کي اڳتي وڌائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو