ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ نينگري جي اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار طاهر جتوئي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عمر سيال نينگري جي اغوا ۽ زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ڪيس جي مدعي عدالت کي ٻڌايو ته 2 اپريل 2022 تي ڌيءَ رڪشا ۾ اسڪول وئي هئي.ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال چيو ته پوليس والدين کي ٻڌايو ته ڇوڪري پنهنجي پسند جي شادي ڪئي آهي. ٽرائل ڪورٽ ڇوڪري کي ننڍي عمر جي ڪري دارالامان موڪلي ڇڏيو هو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڇوڪري پنهنجي والدين وٽ واپس هلي وئي، اوسيفڪيشن ٽيسٽ ۾ ڇوڪري جي عمر 17 کان 18 سال ٻڌائي وئي آهي. اسڪول جي رڪارڊ موجب ڇوڪري جي عمر 15 سال آهي.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڏٺو ويو آهي ته اهڙا ڪيس وڌي رهيا آهن، ڇوڪريون فون ۽ انٽرنيٽ تي دوستيون ڪري گهر ڇڏينديون آهن. پوءِ اهي ڇوڪريون غيرت جي نالي تي قتل جي خوف کان گهر واپس نه ٿيون اچن.
